گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءُ منظور

نيويارڪ (انٽرنيشنل نيوز) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءُ منظور.

روسي فيڊريشن خلاف سموريون يورپي ترميمون رد ، ٺهراءُ جي حق ۾ 10 ووٽ پيا، فرانس ۽ برطانيا سميت 5 ميمبر غير حاضر، آمريڪا، روس، چين ۽ پاڪستان  سميت 10 ملڪن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته تڪرار جو فوري خاتمو ۽ يوڪرين روس وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪيو وڃي.

گڏيل قومن جو ڪردار عالمي امن ۽ تڪرار جي خاتمي کي ممڪن بڻائڻ آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته يوڪرين جنگ ڪجهه هفتن اندر ختم ٿي سگهي ٿي.

روسي صدر يوڪرين ۾ امن دستن جي تصور کي تسليم ڪيو.

Related posts

Leave the first comment