نيويارڪ (انٽرنيشنل نيوز) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءُ منظور.
روسي فيڊريشن خلاف سموريون يورپي ترميمون رد ، ٺهراءُ جي حق ۾ 10 ووٽ پيا، فرانس ۽ برطانيا سميت 5 ميمبر غير حاضر، آمريڪا، روس، چين ۽ پاڪستان سميت 10 ملڪن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته تڪرار جو فوري خاتمو ۽ يوڪرين روس وچ ۾ پائيدار امن قائم ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جو ڪردار عالمي امن ۽ تڪرار جي خاتمي کي ممڪن بڻائڻ آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته يوڪرين جنگ ڪجهه هفتن اندر ختم ٿي سگهي ٿي.
روسي صدر يوڪرين ۾ امن دستن جي تصور کي تسليم ڪيو.


