جڊيشل ڪامپليڪس حملو ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب اشتهاري قرار

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جڊيشل ڪامپليڪس اسلام آباد تي حملي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب اشتهاري قرار.

دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي عدالت مسلسل غير حاضري سبب پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اشتهار قرار ڏنو.

واثق قيوم عباسي، راجا بشارت سميت ڪيترن ئي غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا.

عدالت ٻنهي ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related posts

Leave the first comment