ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي مامي سيد نواز علي شاهه وفات تي صوبائي وزير علي حسن زرداري پاران سردار شاهه جي مامي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري مرحوم جي مغفرت بلند درجن لاءِ دعا ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير علي حسن زرداريءَ جو چوڻ هو ته سيد نواز علي شاهه جي وفات جو ٻڌي ڏاڍو ڏک پهتو آهي، الله تعاليٰ مرحوم جي سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.
ٻئي طرف سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران تعليم واري وزير سردار شاهه جي مامي جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته سيد نواز علي شاهه جي وفات جو ٻڌي دلي ڏک پهتو، ڏک جي گھڙي ۾ پيپلز پارٽي سردار شاهه ۽ سوڳوار خاندان سان گڏ آهي.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام وڌڌيڪ چيو ته الله تعاليٰ مرحوم سيد نواز علي شاهه جي سوڳوار خاندان کي صبر عطا فرمائي.


