غزا ۾ غذائي کوٽ سبب وڌيڪ چئن ٻارن سميت 15 فلسطيني فوت، بک وگهي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 101 ٿي ويو، فلاحي تنظيم سيوَ دِي چلڊرين جو چوڻ آهي ته غزا ۾ صورتحال تباهي واري آهي، هر ماڻهو بک جو شڪار جو آهي، اسرائيل جي غزا ۾ وحشياڻي بمباري ۾ 24 ڪلاڪن دوران عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 81 فلسطيني شهيد، امداد جو اوسيئڙو ڪندڙ 31 فلسطينين به اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ شهادت ماڻي




