سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

وزيراعظم شهباز شريف جي آذر بائيجان جي صدر سان ملاقات، معاهدن تي صحيحون

باڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي آذر بائيجان جي صدر سان ملاقات لاءِ صدارتي محل آمد.

پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آذربائيجان جي صدر سان مقصد واريون ڳالهيون ٿيون، ٻطرفن لاڳاپن کي معاشي ميدان ۾ هٿي وٺرائڻي آهي،

گڏيل مفادن جي منصوبن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو، معاهدن کي هڪ مهيني ۾ حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

ٻه ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي معاهدن تي اپريل ۾ اسلام آباد تي صحيحون ٿينديون گوادربندر علائقائي واپاري لاءِ انتهائي اهم آهي.

آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته هو ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ کي هٿي وٺرائي رهيا آهن.

خطي جي صورتحال ۽ سلامتي وارن معاملن تي هڪ جهڙي نظر رکن ٿا، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جا وڏا موقعا موجود آهن.

دفاعي پيدوار جي شعبي ۾ پاڪستان جو اهم مقام آهي، علائقائي ترقي لاءِ مواصلاتي منصوبن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي. باڪو ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.

Related posts

Leave the first comment