سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ رائٽ سائزنگ پاليسي تي عمل جاري آهي: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ناڻي واي وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومتي خرچ گهٽائڻ لاءِ رائٽ سائزنگ پاليسي تي عمل جاري آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو پاڪستان بينڪنگ سمٽ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان حڪومت کي 30 ارب روپيا جمع ڪري ڏنا آهن.

حڪومت پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري پئي.

صوبائي اسيمبلين مان زرعي ٽيڪسز بابت بلن جي منظوري اهم اڳڀرائي آهي، بينڪنگ سيڪٽر جو قومي معيشت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته بينڪنگ سيڪٽر ٽيڪسن جي ادائيگي ۾ تيل ۽ گيس جي شعبي کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

Related posts

Leave the first comment