دبئي (اسپورٽس ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل چيمپئينز ٽرافيءَ جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي پاران جاري پڌرائيءَ موجب آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ 69 لک ڊالرز جي انعامي رقم ورهائي ويندي، فاتح ٽيم کي ٽرافيءَ سان 22 لک 40 هزار آمريڪي ڊالر جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 11 لک 20 هزار ڊالر ملندا.
آءِ سي سي مينز چيمپئنز ٽرافي ۾ هر ميچ جو ڳاڻيٽو ٿيندو آهي ۽ هر گروپ ميچ کٽيندڙ فاتح ٽيم جي لاءِ 36 هزار ڊالرن کان وڌيڪ قيمت رکي ويندي آهي، پنجين يا ڇهين نمبر تي ايندڙ هر ٽيم 3 لک پنجاهه هزار ڊالر ڪمائيندي آهي جڏهن ته ستين ۽ اٺين نمبر تي هر ٽيم کي هڪ لک 40 هزار ڊالر حاصل ٿيندا آهن.
آءِ سي سي مينز چيمپئنز ٽرافي 2025 ۾ حصو وٺندڙ سمورين ٽيمن کي هڪ لک 25 هزار ڊالرن جي رقم به ڏني ويندي.
ايئن آءِ سي سي جيگڏيل طور رقم گذريل ايڊيشن کان 53 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي.




