سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

شرجيل انعام ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ٽرانسپورٽرن جي وفد جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊييسڪ) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ٽرانسپورٽرن جي وفد جي ملاقات.

ملاقات دوران ٽرانسپورٽ شعبي کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

حڪومتي نمائندن طرفان گاڏين جي داخل ٿيڻ جو وقت وڌائڻ بابت ٽرانسپورٽرن کي آگاهي ڏني وئي.

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن کي پيش ايندڙ چيلنجز کي سمجهي ٿي، جن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آھي.

گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته ٽريفڪ بند ڪرڻ جهڙو ڪو به قدم برداشت نه ڪيو ويندو، عوام کي تڪليف ڏيندڙ ڪنهن به عمل سان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

سياست ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڪراچي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

Related posts

Leave the first comment