۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ اڄ تيز برسات جو امڪان، اسلام آباد جي ڪجهه علائقن ۾ رات برسات ٿي، بنون ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به ڪڪر وسيا، موسميات کاتي موجب اڄ اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو امڪان آهي، فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراج وٽ هيٺئين درجي جي ٻوڏ آهي، ٻيا درياءَ پنهنجي هيڊ ورڪس تي معمول موجب وهي رهيا آهن


