گڏيل قومن، ٽرمپ جي غزه منصوبي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، انتونيو گوتريس پاران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه جنگ بندي منصوبي جي آجيان، امن لاءِ عرب ۽ مسلم ملڪن جي اهم ڪردار جي به واکاڻ، سندس چوڻ آهي ته غزه ۾ فوري طور تي جنگ بندي، بنا رنڊڪ جي انساني امداد جي پهچ ۽ سمورا مغوي غير مشروط طور آزاد ٿيڻ گهرجن، اميد ته اهي قدم ٻه رياستي حل لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪندا، گڏيل قومون وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن



