سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقررين خلاف درخواستن تي چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊپٽي اٽارني جنرل سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقررين خلاف درخواستن تي چيف سيڪريٽري سنڌ، ڊپٽي اٽارني جنرل سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ 7 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ڊي جي مزمل هاليپوٽو جي مقرري خلاف درخواست کي اڳ ۾ داخل درخواستن سان گڏائي ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ آهي ته 21 سيپٽمبر تي، ٻڌڻي کان هڪ ڏينهن اڳ، سنڌ حڪومت ڊي جي ايس بي سي اَي، شهمير خان ڀٽو کي عهدي تان هٽائي ڪري مزمل حسين هاليپوٽا کي نئون ڊي جي مقرر ڪيو، مزمل هاليپوٽو انجنيئر نه آهي، ايس بي سي اَي جو ڊي جِي انجنيئر هجڻ لازمي آهي، مقرري قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي

Related posts

Leave the first comment