سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيسن جي ٻڌندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اسپيشل بينچ ٽٽي وئي

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيسن جي ٻڌندڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اسپيشل بينچ ٽٽي وئي.

جسٽس ارباب محمد طاهر بينچ ۾ ويهڻ ۽ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

اسپيشل بينچ جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو.

جسٽس محسن اختر ڪياني جو چوڻ آهي ته بينچ جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ فائل وقتي چيف جسٽس کي اماڻين ٿا.

Related posts

Leave the first comment