Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

جيڪب آباد ۽ ٺٽي ۾ روڊ حادثا، 3 پوليس اهلڪارن ۽ 3 عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۽ ٺٽي ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٽِن پوليس اهلڪارن ۽ ٽِن عورتن سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمي اسپتال داخل، جيڪب آباد جَي گورشاڻي لاڙي وٽ پوليس موبائل ٽائر ڦاٽڻ سبب موٽرسائيڪل کي ٽڪرائجڻ بعد وڻ سان ٽڪرائجي وئي، ٽِن پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت  ۾ لاڙڪاڻي نيو ويو ۽ ٺٽي ۾ قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب سوزوڪي پِڪ اپ ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، ٽن عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسپتال داخل.

Related posts

Leave the first comment