سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

غوثپور: 2مھينا اڳ اغوا ٿيل 2 پورھيت جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور ڀرسان ٻھ مھينا اڳ تنگواڻي لنڪ روڊ تان اغوا ٿيل ڳوٺ بگي بھلڪاڻي واسي 2 پورھيت بازياب نه ٿيڻ جي خلاف مغوين جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، 2 مهينا اڳ پاڻيءَ جي واري تي ويل لياقت علي بھلڪاڻي ۽ شڪيل احمد بھلڪاڻي کي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا، وارثن انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، جيسيتائين مغوي بازياب نه ٿيندا، ڌرڻو جاري رهندو.

Related posts

Leave the first comment