گمبٽ ۾ ڌيءُ جي نوجوان سان فرار ٿيڻ جي مبينا صدمي ۾ پيءُ فوت، تشدد جو الزام

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ۾ ڌيءُ جي نوجوان سان فرار ٿيڻ جي صدمي ۾ پيءُ فوت ٿي ويو، لاش رکي ڌرڻو.

ناري مسڪان جو پيءُ منظور گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، وارثن پاران فوتيءَ جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو.

فوتيءَ جي پٽ جو چوڻ آهي ته غلام شبير بروهي وارن جي تشدد جي ڪري منهنجو پيءُ فوت ٿيو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

Related posts

Leave the first comment