ڪرڪيٽ ميچ دوران بيٽسمين دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ڀارتي پنجاب جي شهر فيروزپور ۾ مقامي ڪرڪيٽ ميچ دوران واقعو پيش آيو

فيروزپور (اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب جي شهر فيروز پور ۾ هڪ مقامي ڪرڪيٽ ميچ دوران بيٽسمين اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب ميدان ۾ فوت ٿي ويو.

افسوسناڪ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته هرجيت سنگھه نالي رانديگر شاندار انداز ۾ ڇڪو هڻي ٿو جنهن جي فورن بعد هو وچ ميدان ۾ ڪري پوي ٿو.

هي واقعو فيروزپور جي ڊي اي وي اسڪول گرائونڊ تي جاري هڪ مقامي ٽورنامينٽ دوران پيش آيو، وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڇڪو هڻڻ کان پوءِ هرجيت سنگھه  وچ ميدان ۾ڪري پوي ٿو.

Related posts

Leave the first comment