سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪراچي ۾ ڀينرن سامهون نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا، ڊرائيور ۽ گارڊ گرفتار

پوليس گاڏي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار سرڪاري ملازم ناهي: ڊي آءِ جي ڏکڻ

ڪراچي (ويب ديسڪ) ڪراچي جي پوش علائقي خيابان اتحاد ۾ ڀينرن سامهون ڀاءُ تي تشدد ڪندڙ بااثر شخص پوليس کي هٿ نه آيو، سندس ڊرائيور ۽ سڪيورٽي گارڊ گرفتار.

پوليس گاڏي به تحويل ۾ وٺي ڇڏي،  جوابدار سلمان فاروقي سندس گارڊ ۽ ٻين تي ڪيس داخل.

ڊي آءِ جي ڏکڻ جو چوڻ آهي ته نوجوان تي تشدد ۾ ملوث جوابدار سرڪاري ملازم ناهي.

سندس گرفتاري لاءِ جوابدار جي آفيس ۽ گهر تي ڇاپا هنيا ويا آهن پر هو هن وقت تائين هٿ اچي نه سگھيو آهي.

Related posts

Leave the first comment