ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد بلوچستان سميت پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي جو رستو روڪي نٿا سگهن، بلوچ عوام پاڪستان سان تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايت جي رشتن ۾ جُڙيل آهي، حق جي جنگ ۾ عوام جي حمايت خاص طور تي نوجوانن جو ڪردار اهم رهيو، ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي هئي، آهي ۽ رهندي،ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري طرفان ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽي جو دورو، يونيورسٽي آمد تي انتظاميا ۽ شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي آجيان ڪئي


