سنڌ جي سينيئر ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي وفد جي ملاقات، وفد اخباري صنعت کي پيش ايندڙ مسئلن بابت صوبائي وزير کي آگاهي ڏني، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اخبارن جي ڪردار جي معترف آهي، پرنٽ ميڊيا معاشري کي باشعور ڪرڻ ۽ ڪوڙين خبرن جي خاتمي لاءِ اهم آهي، اخباري صنعت جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا

