سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا

مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪمانڊر شيرين به شامل، ڪيترين ئي دهشتگرد وارداتن ۾ ملوث هو

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 9 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڊي آءِ خان جي علائقي تڪواڙا ۾آپريشن ڪيو.

پاڪستاني فورسز جي آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن ۾ ڪمانڊر شيرين به شامل آهي.

مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، مارجي ويل خارجي شيرين دهشتگردي جي وارداتن ۾ ملوث هو.

Related posts

Leave the first comment