مٺي (ويب ڊيسڪ) مٺي ۾ ٿر اسپورٽس ميلو شروع ٿي ويو، سيڪريٽري اسپورٽس عبدالعليم لاشاري ميلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ٿر اسپورٽس ميلو ٻه ڏينهن جاري رهندو، ميلي ۾ اٺن،گهوڙن جي ڊوڙ، ميراٿن، ملاکڙو، ڪرڪيٽ، شوٽنگ بال، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻين راندين جا مقابلا ٿي رهيا آهن،
مٺيءَ ۾ ٿيندر ٿر اسپورٽس ميلي ۾ اڄ ميوزيڪل نائيٽ به ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا ڳائڻا سُر وکيريندا.


