چين سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي گڏيل احترام ، اعتماد ۽ سهڪار تي ٻڌل آهي، سي پيڪ سبب پاڪستان ۾ ٽن سالن اندر توانائي بحران تي ضابطو آيو ۽ زراعت توڙي صنعت بحال ٿي، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي حفاظت پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف جو بيجنگ ۾ پاڪ چين، بي ٽو بي ٻي سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب، چيائين، چين ۾ بزنس ڪانفرنس جو منعقد ٿيڻ پاڪ چين لاڳاپن جو عڪس آهي، پاڪ چين دوستي سمنڊ کان اونهي ۽ ماکي کان مٺي آهي،پاڪ چين دوستي هر حال ۾ مضبوط ثابت ٿي آهي


