-* پاڪ فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ، پاڪ فوج جا جوان عوام جي تحفظ ۽ ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري سامان سان گڏ خطرن وارن علائقن ۾ مقرر، پاڪستان رينجرز سنڌ پاران به آبپاشي عملي کي سڪيورٽي فراهم، رينجرز جي جوانن جو حفاظتي بندن تي گشت، پڪٽس وڌايون ويون، پاڪستان رينجرز سنڌ پاران سول انتظاميا سان گڏ مفت ميڊيڪل ڪيمپس قائم، متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، علائقي واسين پاران پاڪ فوج ۽ پاڪ رينجرز سنڌ جي ڪوششن جي واکاڻ




