Facebook · YouTube · Xسنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جي لاءِ محنت ڪريون پيا، ٽيم جو مورال بلند آهي: محمد رضوان

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان جو چوڻ آهي ته چيمپئنز ٽرافي کٽڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون، ٽيم جو مورال بلند آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته گذريل غلطين جو ورجاءُ نه ڪريون.

ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته منهنجي ٽيم جو هر رانديگر ڪپتان آهي، مان صرف ٽاس ڪرڻ يا ميڊيا سان ڳالهائڻ جي لاءِ سامهون ايندو آهيان، اسان جي ٽيم ۾ هر رانديگر جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو آهي.

محمد رضوان چيو ته چيمپئنز ٽرافيءَ جي لاءِ زور شور سان تياريون جاري آهن ۽ اسان فتح جي لاءِ پرعزم آهيون.

پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هڪ ٽيم طور اسان ۾ ڪجھه خاميون آهن جن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته بابراعظم سينيئر رانديگر آهي، ايندڙ ميچن ۾ اهو ئي اوپننگ ڪندو، اسان کي پروفيشنل ازم جي سخت ضرورت آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد رضوان چيو ته سينيئر رانديگرن تي وڌيڪ ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، جنهن جو کين مظاهرو ڪندي سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ گھرجي.

Related posts

Leave the first comment