سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

اسرائيل سخت سزا جو انتظار ڪري: آيت الله علي خامنه اِي

الله گهريو ته ايران جي مضبوط هٿياربند فوج اسرائيل کي سزا ڏيندي: ايراني سپريم ليڊر

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اِي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل سخت سزا جو انتظار ڪري.

اسرائيل جا هٿ بيگناهن جي رت سان رنڱيل آهن، جيڪڏهن الله گهريو ته ايران جي مضبوط هٿياربند فوج اسرائيل کي سزا ڏيندي.

آيت الله خامنه اي اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي ڪمانڊر ۽ سائنسدان شهيد ٿيڻ جي به تصديق ڪري ڇڏي.

ايراني سپريم ليڊر جو چوڻ هو ته شهيد ڪمانڊرز ۽ سائنسدانن جا جانشين پنهنجا فرض نڀائي مشن جاري رکندا.

Related posts

Leave the first comment