چئمپينز ٽرافي ۾ اڄ آسٽريليا ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ اهم مقابلو رٿيل

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) چئمپينز ٽرافي ۾ اڄ آسٽريليا ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ اهم مقابلو ٿيندو.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ رٿيل ميچ جيڪا به ٽيم کٽيندي اها سيمي فائنل ۾ پهچي ويندي.

چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ڪا به ميچ نه هارائي آهي، جڏهن ته پنهنجي آخري ميچ ۾ افغانستان وڏو اپ سيٽ ڪندي انگلينڊ کي 8 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو

آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٻئي ٽيمون ميچ کٽڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائينديون.

Related posts

Leave the first comment