ملير جي شاهه لطيف ٿاڻي اندر نوجوان جَي قتل واري واقعي بعد ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 ڄڻا گرفتار،رات دير سان شاهه لطيف ٿاڻي ۾ پوليس اهلڪار ۽ ٻِن سيڪيورٽي گارڊز فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي ملير نوجوان جَي قتل جو نوٽيس ورتو، ايس ايڇ او صدرالدين ميراڻي، وڏو منشي سليم، عاطف ۽ شاھزيب گرفتار، ڪيس داخل، ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته جوابدارن عاطف ۽ شاھزيب نوجوان کي ٿاڻي تي آڻي قتل ڪيو، ٻئي جوابدار ايس ايڇ او جِي اسپيشل پارٽي جا حصو ھئا، جوابدارن جو ايس ايڇ او صدرالدين ميراڻي ۽ پوليس ڪانسٽيبل فياض سان رابطو ھو

