سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڀارت کي ڪنهن به فوجي مس ايڊونچر جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو: آرمي چيف

پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي تياري ۽ ارادا اڻٽٽ آهن

ٽلا فيلڊ (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت کي ڪنهن به فوجي مس ايڊونچر جو فوري ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

جوانن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان علائقائي امن لاءِ پرعزم آهي، قومي مفادن جي تحفظ لاءِ اسان جي تياري ۽ عزم اڻٽٽ آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ٽلا فيلڊ فائرنگ رينج جو دورو ڪيو ۽ هيمر اسٽرائيڪ مشق جو مشاهدو ڪيو.

آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي جذبي کي پاڪ فوج جي آپريشنل مهارت قرار ڏنو ۽ وڙهڻ واري صلاحيت ۽ جذبي کي واکاڻيو.

Related posts

Leave the first comment