سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٿر ۾ پراسرار بيماري سبب فطري حسن رکندڙ مور پکي اجڙڻ لڳا، وڌيڪ 100 مور مري ويا

جهنگلي جيوت کاتو بيماري تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام،  اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، مٺي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ پراسرار بيماري پکڙيل

ٿرپارڪر (ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ پراسرار بيماري سبب فطري حسن رکندڙ مور پکي اجڙڻ لڳا، مختلف علائقن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ مور پکي مري ويا.

جهنگلي جيوت کاتو بيماري تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام،  اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڏيپلو، مٺي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ پراسرار بيماري سبب روزانو درجنن جي تعداد ۾ مور مرڻ لڳا.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مور پکي پهريان بخار ۽ زڪام جي ور چڙهي ٿو جنهن بعد گلي ۾ سوجن ۽ هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي موت جو شڪار ٿئي ٿو.

Related posts

Leave the first comment