ڀارت ستلج درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو، پنجاب جي 9 ضلعن ۾ الرٽ جاري، راوي، ستلج ۽ چناب دريائن ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ برقرار، 5 سيپٽمبر تائين وڏي ٻوڏ برقرار جو خدشو ظاهر، ٻوڏ سبب پنجاب ۾ 24 لک ماڻهو متاثر، 9 لک بي گهر ٿي چڪا، 41 ڄڻا فوت، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين وارا علائقا ٻڏي ويا، وفاقي راڄڌاني جي علائقي سر سيد ضياءَ ڪالوني ۾ برساتي نالي ۾ چاڙهه، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، نالا لئي ۾ پاڻي جي سطح 19 فوٽ ٿي ويئي، خطري جا الارم وڄايا ويا، نالا لئي جي ڀرپاسي رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت، ڪي پي جي خيبر، مالاڪنڊ، ڪوهاٽ، بونير ۽ ٻين علائقن ۾ برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه، ايم ڊي ايم اي ڪيترن علائقن لاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو


