پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق، وزيراعظم شهباز شريف جي چيني صدر شِي جِن پنگ سان ملاقات، پڌرائي موجب وزيراعظم ۽ چيني صدر وچ ۾ ملاقات انتهائي خوشگوار رهي، ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم چيني صدر کي ايندڙ سال پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، ٻنهي اڳواڻن جو ٻه طرفي اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل ڀائيواري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ واري عزم جو عهد، شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي چين جي ڪاميابين تي تمام گھڻو فخر آهي، پاڪستان صدر شي جن پنگ جي تاريخي قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، چيني صدر شي جن پنگ چيو ته چين اقتصادي ترقي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو، سي پيڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، پاڪستان جي اهم ترين اقتصادي شعبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهن

