پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ تباهي مچائي وئي هئي: احسن اقبال

پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ڪو به ترقياتي منصوبو شروع نه ڪيو: رٿا بنديءَ وارو وفاقي وزير

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ ۾ تباهي مچائي وئي هئي.

پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ڪو به ترقياتي منصوبو شروع نه ڪيو، ڪهڙي بنياد تي پي ٽي آءِ حڪومتي معاشي ايجنڊا تي تنقيد ڪري پئي.

رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم شهبازشريف دليراڻي قيادت جو مظاهرو ڪيو.

وزيراعظم سياسي ۽ معاشي طور اڻٽر قدم کنيا، جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ترقياتي بجيٽ لاءِ هڪ رپيو به نه هو.

هن چيو ته اسان جڏهن آياسين ته ٻوڏ کي منهن ڏنو ۽ ترقياتي بجيٽ وڌائي، اسان حڪومت ۾ اچي معيشت کي بحال ڪيو.

Related posts

Leave the first comment