ڪراچي ۾ سنڌ پيٽيشن فورم پاران سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف فريئر هال کان پريس ڪلب تائين مارچ

مارچ ۾ زين شاهه، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، شهاب اوستو ۽ ٻيا سياسي، سماجي ڌريون ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سنڌ پيٽيشن فورم پاران سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف فريئر هال کان پريس ڪلب تائين مارچ.

احتجاجي مارچ ۾ زين شاهه، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، شهاب اوستو ۽ ٻيا سياسي، سماجي ڌريون ۽ اڳواڻ شريڪ ٿيا.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته وفاق سنڌ جا حق غضب ڪرڻ چاھي ٿو، سنڌ دشمن منصوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن.

هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام ڪئنال منصوبي کي رد ڪري چڪو آهي، سنڌ دشمن منصوبو فوري طور واپس ورتو وڃي.

Related posts

Leave the first comment