سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پي ايس ايل 10 جي افتتاحي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ لاهور قلندرز کي هارائي ڇڏيو

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز طرفان ڏنل 140 رنسن جو حدف 18هين اوور ۾ حاصل ڪري افتتاحي ميچ کٽي ورتي

راولپنڊي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي افتتاحي ميچ ۾ دفاعي چيمپئنز اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز طرفان ڏنل 140 رنسن جو حدف 18 هين اوور ۾ حاصل ڪري افتتاحي ميچ کٽي ورتي.

لاهور قلندرز جي ٽيم آخري اوور ۾ 139 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، قلندرز جي عبدالله شفيق 66 رنسن جي اننگ کيڏي ۽ 3 ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا، سڪندر رضا 23 جڏهن ته حارث رئوف 10 رنسون ۽ محمد نعيم 8 رنسون ٺاهي سگھيا.

شاهين آفريدي ۽ آصف آفريديءَ 2،2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سيم بلنگز، جهانداد خان ۽ ڊيوڊ يسا زيرو تي آئوٽ ٿي ويا.

اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز جو 140 رنسن جو حدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي 18 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.

اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ڪولن منرو 59 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو، هن هڪ ڇڪو ۽ 7 چوڪا هنيا جڏهن ته سلمان علي آغا 41 رنسن سان ڪريز تي موجود رهيو.

ان کان سواءِ صاحبزاه فرحان 24 بالن تي 25 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 3 ڇڪا شامل هئا.

لاهور قلندرز طرفان آصف آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پي ايس ايل جي ٻين ۽ اڄوڪي ميچ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي پئي وڃي.

Related posts

Leave the first comment