سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، نئين مالي سال ۾ وڏي انگ ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ بسون آڻڻ جو اعلان

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جو وڏو فيصلو، نئين مالي سال ۾ وڏي انگ ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ بسون آڻڻ جو اعلان.

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس.

سندس چوڻ آهي ته ايندڙ مهينن ۾ ڊبل ڊيڪر بسون به ڪراچي جي روڊن تي هلنديون، ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام کي مڪمل طور تي اي وي بسز تي منتقل ڪرڻ جو ارادو آهي.

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڊبل ڊيڪر اي وي بسون سنڌ حڪومت آڻڻ پئي وڃي، بي آر ٽي منصوبا ڪراچي جي ماڻهن لاءِ انقلابي تبديلي آڻيندا.

اجلاس ۾ ريڊ لائين ۽ ريلو لائين بي آر ٽي جي جاري اڏاوت جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي کاتي جا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.

Related posts

Leave the first comment