– پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسي ملهائي پئي وڃي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح قوم کي سڃاڻپ، خودداري ۽ آزادي ڏني، ٻه قومي نظريو اڄ به درست ثابت ٿي رهيو آهي، ڀارت ۾ اقليتن سان ورتاءُ ٻه قومي نظريي جي سچائيءَ جو ثبوت آهي، پاڪستان جو قيام تاريخي ۽ اڻٽر فيصلو هو، قائد اعظم جو ويزن جمهوريت، انصاف، برابري ۽ رواداري تي ٻڌل پاڪستان آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائداعظم کي حقيقي معنيٰ ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ سندس ويزن موجب پاڪستان ٺاهڻ آهي، قائداعظم جي لازوال اصولن تي عمل ڪري قوم تازو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سميت هر چيلينج جو مقابلو ڪري سگهي ٿي، هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهيون، جتي انصاف، برابري ۽ موقعا هر پاڪستاني کي بنا فرق رنگ، نسل ۽ مذهب حاصل هجن




