پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو

پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني لاڏاڻو ڪري ويو، آغا سراج دراني 72 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فالج جي اٽيڪ سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو، آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ صوبائي ڪابينا جو ميمبر رهيو، هن وقت سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هو، اڳوڻي اسپيڪر جو مڙههڳڙهي ياسين ڪوٽ دراني نيو ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف طرفان آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، وارثن سان همدردي ۽ تعزيت، آغا سراج دراني جي سياسي ۽ عوامي خدمت کي ڀيٽا پيش، صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني جمهوريت جي مضبوطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر طور اهم خدمتون انجام ڏنيون، آغا سراج دراني جي سياسي، عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو

Related posts

Leave the first comment