وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر اڄ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندا

سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي قومي سلامتي بابت صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي: اطلاعات جي وزات

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اطلاعات وارو وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڄ سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي بريفنگ ڏيندا.

اطلاعات واري وزارت موجب سڀني سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي قومي سلامتي بابت صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.

سياسي اڳواڻن کي دفاعي تيارين، سفارتي قدمن ۽ رياستي موقف کان آگاهه ڪيو ويندو.

صدر آصف علي زرداري سڀاڻي قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو، پاڪ-ڀارت موجوده صورتحال تي بحث ٿيڻ جو امڪان.

Related posts

Leave the first comment