پيرجوڳوٺ ويجهو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙي دوران 2 ڄڻا قتل ٿي ويا

سيوھڻ ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، لاس اسپتال منتقل

پير جو ڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پيرجوڳوٺ ويجهو جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙي دوران 2 ڄڻا قتل ٿي ويا.

ڪوٽ پل اسٽاپ وٽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جيهڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

مقتولان جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ جاري.

سيوھڻ ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جھاز چوڪ تي ھوٽل ۾ ويٺل شخص تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اڻڄاتل شخص مارجي ويو، مقتول جو لاش اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

Related posts

Leave the first comment