پري مون سون سيزن شروع، ايندڙ 3 ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي

سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سڀاڻي کان برساتن جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پري مون سون سيزن شروع ٿي وئي، ايندڙ ٽن ڏينهن دوران سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برساتن جي اڳڪٿي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي سڀاڻي کان برساتن جو امڪان آهي.

ڪراچي ۾سامونڊي هوائون 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گهلي رهيون آهن، بلوچستان، پنجاب، ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ به برساتن جو سلسلو جاري رهندو.

Related posts

Leave the first comment