پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، انڊيڪس ۾ اضافو رڪارڊ

ٽريڊنگ دوران پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ۾ 606 پوائنٽس جو اضافو ٿيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن هاڪاري لاڙو ڏٺو پيو وڃي.

ٽريڊنگ دوران پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ۾ 606 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ 100 انڊيڪس هڪ لک 18 هزار 938 پوائنٽن تي اچي ويو.

اڄ هن وقت تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس هڪ لک 18 هزار 938 جي مٿانهين تي پهچي ويو آهي.

اڱاري جي ڏينهن کان ڪاروبار جي پڄاڻيءَ تي انڊيڪس هڪ لک 18 هزار 332 پوائنٽن تي بند ٿيو.

Related posts

Leave the first comment