سعودي عرب ۾ عيدالضحيٰ جي موڪلن جو اعلان

سعودي عرب ۾ عيدالضحيٰ جي موقعي تي 4 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ عيدالضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

سعودي ميڊيا موجب عيدالضحيٰ جي موقعي تي 4 ڏينهن جون موڪليون ڪيون وينديون.

سعودي ميڊيا جو وڌيڪ چوڻ هو ته موڪلون عرفات جي ڏينهن خميس 5 جون کان آچر 8 جون تائين  هونديون.

ياد رهي ته سعودي عرب ۾ عيدالضحيٰ 6 جون جمعي تي ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۾ عيد الضحيٰ 7 جون ڇنڇر تي ٿيندي.

Related posts

Leave the first comment