ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو 16ڪلاڪن کان ڌرڻو  جاري

شاگردن روڊ تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون

ٽنڊو ڄام (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جو 16 ڪلاڪن کان ڌرڻو  جاري، هاسٽل پرووسٽ کي هٽائڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان.

شاگردن روڊ تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل، گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

شاگردن طرفان هاسٽل پرووسٽ کي هٽائڻ جو مطالبو، يونيورسٽي انتظاميا ۽ شاگردن وچ ۾ رات ڳالهيون ناڪام ٿيڻ بعد شاگردن حيدرآباد-ميرپورخاص روڊ بند ڪري ڇڏيو.

ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هاسٽل پرووسٽ کي هٽائڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.

Related posts

Leave the first comment