سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ٽنڊي باگي ڀرسان هلندڙ رڪشا تي فائرنگ، نوجوان قتل، عورت سميت 7 زخمي

ٽنڊو باگو (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي باگي ڀرسان هلندڙ رڪشا تي فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ماڻڪ واهه ڀرسان اڻ ڃاتل هٿياربند رڪشا ڊرائيور شمن ڪهيري کي گولي هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.

رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد مقتول جو لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment