ٽنڊي آدم ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ پيرسن قتل

ڳوٺ طيب ابڙو ۾ ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي آدم ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي ۾ پيرسن قتل.

ڳوٺ طيب ابڙو ۾ ابڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران لٺين، ڪھاڙين ۽ ڪوڏرن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.

جھيڙي ۾ 70 ورهين جو جان محمد ابڙو مارجي ويو، پوليس پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

Related posts

Leave the first comment