سنڌ سرڪار پاران اسڪولايجوڪيشنکاتي کيڊجيٽلائيزڪرڻ سيمت اهم فيصلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار پاران اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ، هيڊ ماسترن کي ڊي ڊي او  پاور، سڌي ريت فنڊنگ ۽ بجيٽ ڏيڻ جا فيصلا.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت تعليم کاتي بابت  اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرائمري ۽ سيڪنڊري لاءِ ڌار ڌار ڊائريڪٽوريٽ ختم ڪري هڪ گڏيل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويندو.

استادن ۽ شاگردن جي حاضري چهري جي سڃاڻپ ذريعي ڊجيٽل ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ ڊي اِي او سيمز، ڊي اِي او اڪيڊمڪس، ڊي اِي او اسپورٽس، ڊي اِي او ڪوالٽي اشورنس جون جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Related posts

Leave the first comment