ٻيلن جي واڍي گرمي پد ۾ واڌ، ٻوڏ ۽ لکين زندگيون متاثر ڪري رهي آهي، وڻڪاري مهم پاڪستان جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي، پاڪستان کي موسمياتي تبديليءَ جا شديد خطرا آهن، وڻ ماحول لاءِ زندگي ۽ موسمياتي تبديليءَ خلاف مضبوط ڍال آهن، هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن ملڪ جي مختلف حصن ۾ تباهي مچائي، هاري وڻ لڳائي پنهنجن فصلن ۽ ماحول جي حفاظت ڪري سگھن ٿا، صدر آصف علي زرداري جو مون سون وڻڪاري مهم جي حوالي سان پيغام، سندس چوڻ آهي ته هو ملڪ گير وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري رهيا آهن، آگسٽ کان آڪٽوبر تائين 4 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا، گرين پاڪستان پروگرام کي ڪامياب بڻائڻ گھرجي



