اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) 26 هين آئيني ترميم ۽ جڊيشل ڪميشن جي اڄ ٿيندڙ اجلاس جي خلاف وڪيل ايڪشن ڪاميٽيءَ جي احتجاج دوران وڪيلن اسلام آباد جي سرينا چوڪ کان سپريم ڪورٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران وڪيلن ۽ پوليس اهلڪارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي، پوليس احتجاج ڪندڙ ۽ ريڊ زون طرف اڳڀرائي ڪندڙ وڪيلن تي لٺبازي ڪئي. وڪيلن احتجاج ڪندي سپريم ڪورٽ طرف مارچ جي شروعات ڪئي، ان دوران انتظاميه سرينا چوڪ تي ڪنٽينر لڳائي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، انتظاميه ريڊ زون کي به مڪمل سيل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ۽ وڪيلن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کان پوءِ احتجاج ڪندڙ وڪيل منتشر ٿي ويا ۽ سري نگر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا آهن ۽ مري ويندڙ روڊ کي بند ڪري ڇڏيو آهي پر مري کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ روان دوان آهي. انتظاميه طرفان اسلام آباد جي ريڊ زون جي سمورن رستن تي پوليس جي ڳري نفري مقرر ڪئي وئي آهي، سمورا گيٽ بند ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ۽ پاڪستان جي سمورين بار ڪائونسلز گڏيل پڌرائيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي خلاف هڙتال کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
- against the meeting of the Judicial Commission
- all bar councils of Pakistan have unanimously called off the strike
- crack down on lawyers and police
- Dharti TV News
- Islamabad Pakistan
- Lawyers Protest in Islamabad
- Lawyers try to enter Islamabad's Red Zone
- Pakistan
- Politics
- Sindhi
- Sindhi News
- The Supreme Court Bar Association
Related posts



بيجنگ ۾ پاڪستان – چين وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي تقريب
February 6, 2025

