وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مسئلن ۽ روڊ حادثن بابت اجلاس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مسئلن ۽ روڊ حادثن بابت اجلاس ٿيو، اجلاس دوران ڪراچي ۾ وڌندڙ روڊ حادثا روڪڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

اعليٰ اختيارين سان ٿيل اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي روڊن تي هلندڙ گاڏين جي فٽنيس ۽ ٽريفڪ مينيجمينٽ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.

وڏي وزير جون آءِ جي پوليس ذريعي ڪسٽم کاتي، ميونسپلٽيز، ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ذريعي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان عوام کي آگاهه ڪندو.

Related posts

Leave the first comment